اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر تي هڪ ڏينهن جي د??ري تي ٿر پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٿر جي د??ري جي موقعي تي وزيراعظم کي ٿر ڪول پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ عورت ڊمپر ڊرائيورز سان ملاقات ڪندو. ان ??ان??واءِ وزيراعظم ٿر انرجي لميٽيڊ جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪندو. ٿرڪول مائنز جي فيز ٽو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو ۽ تقريب کي خطاب ڪندو.