اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان راجا ظفرالحق ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا سيل پاران جاري بي??ن موجب ملاقات ۾ راجا ظفرالحق وزيراعظم کي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني. هن ان موقعي تي وزيراعظم جي عوامي فلاحي منصوبن کي ترج??حي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ويزن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.