اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??حر??ن جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفط?? جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي ??حر??ن جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ته پاڪستان سلطنت ??حر??ن سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قد?? جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪورونا عالمي وبا دوران ??حر??ن جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀا?? جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ ??حر??ن جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي ??حر??ن جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تا??ين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. ??حر??ن جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ??حر??ن جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.