اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي بيان ۾ ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو سلسلو رڪجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ڪرڻ جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پوليس فورس ۽ انتظامي ع??لي جي ڪنهن به جڳهه مقرري جي خبرن ۾ به ڪنهن قسم جي صداقت نه آه??. س??دس چوڻ هو ته ايڊي??ور??ل لکندڙ ۽ ميڊيا جي ساٿين کي گذارش آهي ته اهڙي ڪا به بي بنياد خبر نشر ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري وٺو، سوشل ميديا صارفين کي به گذارش آهي ته اهڙي منفي پروپئگنڊه کي رد ڪري ڇڏين.