اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ??بارڪباد ڏني. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حافظ حفيظ الرحمان وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي ??بارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ليس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽريفڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان نه رڳو سياحت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون سڄو سال بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. حافظ حفيظ الرحمان ديامر ڀاشا ??يم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت تي ??زيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح عوام جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪاري دور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي نظرانداز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.