وزيراعظم عم??ان خان سان چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ملاقات
بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عم??ان خان چين ۽ پاڪستان جي عل??ئقائي رابطن ۽ افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پا??ان فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ملاقات دو??ان ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خيرسگالي جذبي، گهري گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دو??ان ٻطرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ تي اڳڀرائي ۽ اهم عل??ئقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ڌرين پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي مرڪزيت جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم عم??ان خان چيني وزيراعظم کي بيجنگ سرمائي اولمپڪس منعقد ??رڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي بنيادي مفادن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ٿنڀ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي موقعي تي تقريبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي نئين سگهه ملي آهي. وزيراعظم ڪورونا وبا دو??ان پاڪستان جي مدد ۽ تعاون ۽ ويڪسين جي وقت سر فراهمي تي چين جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عم??ان خان سي پيڪ جي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر، توانائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ عوام جي معيار زندگي ۾ بهتري جي حوالي سان تبديلي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل طور تي طئي ٿيل صنعتي، واپاري، صحت، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي ذريعي سي پيڪ جي معياري ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيني وزيراعظم کي سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ پاليسي اصول ۽ تعاون ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي تحفظ، منصوبن ۽ ادارن بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عم??ان خان عل??ئقائي سلامتي بابت ڳالهه ٻولهه دو??ان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پا??ان فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چين ۽ پاڪستان جي عل??ئقائي رابطن ۽ افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.