اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رشين فيڊريشن جي صدر ولادي م??ر پيوٽن جي دعوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولادي م??ر پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آه?? جيڪي گڏ??ل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي هڪ جهڙن نظرين جي بنياد تي قائم آه??. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران توانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اس??امو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم عمران خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏ??ل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.