اسلام آباد ?? 28 ??سمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاشسٽ هندو توا ڀارت جو اص?? چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ ??دت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀارت ۾ مڌر ٽريسا جي خيراتي اداري جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خبر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فاشسٽ هندو توا ڀارت جو اص?? چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪيترن ئي ڀارتي علائقن ۾ ڪرسمس تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسندن سانتا ڪلاز جو پتلو ??اڙيو، ڪرسمس تقريبن ۽ مذهب مٽائڻ جي خلاف نعرا هنيا، هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ ??دت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.