اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس سڀاڻي آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. سعودي عرب ب??ور چيئر افغانستان جي حوالي سان غير معمولي اجلاس جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته پاڪستان ان جي آجي??ن ڪندي سيشن جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ شرڪت ڪندڙن ۾ گڏيل قومن، عالمي مالياتي ادارن ۽ آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شامل آهن، افغان عبوري حڪومت به اجلاس ۾ نمائندگي ڪندي، اهو اجلاس افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال جي پس منظر ۾ گهرائي وئي آهي، افغان عوام سان يڪجهتي جي اظهار کانسواءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل مان اميد آهي ته هو افغانستان ۾ تيزي سان بگڙجندڙ انساني صورتحال، خاص خوراڪ جي کوٽ جي حوالي تي قابو پائڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ امڪاني معاشي تباهي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ??و ته افغانستان سان عالمي برادري جا مسلسل رابطا اڻٽر آهن، غير معمولي اجلاس جي ميزباني افغان عوام جي حمايت کي ??ستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو مظهر آهي، غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم ۽ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو، اجلاس افغان عوام جي انساني ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن تي غ??ر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.