اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن آن لائن اي تجارت ڪ??ائ??ندڙ گروپ ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بجارڪ مائيڪلسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??را??ظم عمران خان ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو مائيڪلسن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اي تجارت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان ملازمت جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ به مدد ملندي. وز??را??ظم چيو ته حڪومت ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. ”دراز“ جي سي اي او پاڪستان ۾ اي تجارت جي توسيع ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سينيٽر عون عباس بپي ”دراز“ جي ايم ڊي احسان سايا ۽ عماد خان به ملاقات ۾ موجود هئا.