اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟ مريم نواز جي اربين رپين جي جائيداد سام??ون اچي چڪي آهي، ان جو جواب ڏين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انصار عباسي جي هڪ حيرت انگيز اسٽوري نظر مان گذري جنهن ۾ گلگت جو هڪ جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن هو ثاقب نثار صاحب وٽ چانهه پيئڻ ويٺو ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته ??واز شريف جي ضمانت اليڪشن کان اڳ ناهي وٺڻي، ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو ته ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو ۽ هو فون ملائي ويٺل آهي ته توهان جي سام??ون ئي ??هڙ??ون هدايتون جاري ڪري ته ڪنهن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آهي يا ناهي وٺڻي، جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه ملڪ جو وزيراعظم. هن چيو ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو ته ??واز شريف جيڪي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا ۽ جيڪي بعد ۾ مريم نواز جي ملڪيت ۾ ڏنا ويا، انهن جا پئسا ڪٿان آيا؟ چوڌري فواد حسين چيو ته ??ريم نواز اهو چيو ته ??نهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هاڻي اربين رپين جي جائيداد سام??ون اچي چڪي اهي، ان جو جواب ڏيو.