اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪ??ي رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل مح??ڪ هوندا آهن، اسان انهن جي توانائين کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيرا??ظم عمران خان سان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪ??ي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيرا??ظم کي ڪاميا?? جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته ڪاميا?? جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن ??ي هيستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آهي. وزيرا??ظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪاميا?? جوان پروگرام تحت نوجوانن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪاميا?? جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪاميا?? جوان انوويشن ليگ، ڪاميا?? جوان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪاميا?? جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيرا??ظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪ??ي ته جيئن انهن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.