گڏيل قومون -10 سيٽمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريش دنيا تي زور ڏنو آهي ته هو طالبان سان ڳالهيون جاري رکن . هن فرانسيسي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ چيو ته ??البان سان ڳالهيون جاري رکڻ گهرجن جيڪو افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي . هن وڌيڪ چيو ته ??سان جو فرض آهي ته ??سان شديد مشڪلاتن جي شڪار افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جاري رکون جتي لکين ماڻهو بک سبب مري رهيا آهن ۽ دنيا افغانستان ۾ معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ مدد ڪري . هن وڌيڪ چيو ته ??فغانستان جا فريز ڪيل اثاثاجاري ڪرڻ يا عالمي پابندي کي ختم ڪرڻ بابت ڪو مطالبو ناهي ڪيو ويو پر هن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته مالي اثاثن سبب افغانستان کي س??ار?? ملندو ، ۽ بهتر نتيجو ملندو .