اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن، سل??متي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سالن کان جاري افغان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سل??متي ۽ خو??حالي حاصل ٿي سگهي، پاڪستان گڏيل قومن کي افغانستان جي لاءِ انساني مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي انساني صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم ??مران خان افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ 40 سالا تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سل??متي ۽ خو??حالي حاصل ٿي سگهي. وزيراعظم ??المي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ انساني ضرورتن جي حل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معاشي استحڪام يقيني بڻايو وڃي، اهڙن قدمن سان نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئماني انخلا به رڪجي سگهندو ۽ افغانستان ۾ پناهگيرن جي بحر??ن کي روڪي سگهبو. وزيراعظم ??فغان عوام کي انتهائي ضروري انساني امداد پهچائڻ ۾ گڏيل قومن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ??ن حوالي سان پاڪستان پاران گڏيل قومن کي انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ڪوششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي پاڪستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي حوالي سان آگاهه ڪندي پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آپريشن ۾ مڪمل تعاون جي عزم کي ورجايو.