اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڌان??لي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن. مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي خاص معاون چيو ته شفافيت جي نالي کان ڀڄندڙ ناا??لن جي لا??ِ اليڪٽرانڪ سسٽم ڊيڄاريندڙ خواب آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ ڇانگا مانگا سياست ڪندڙن جي تابوت ۾ آخري ڪِيل آهي. خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته ناا??لن جو سياست ۾ اچڻ ڌوئنس ۽ ڌان??لي جي ڪري ممڪن ٿيو. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي ۽ ڌان??لي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن.