اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پنهنجي وطن سان محبت ۽ وابستگي بي مثال آهي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي مسلسل 10 مهينين تائين ماهوار 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ??ه ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جو ناڻو مارچ ۾ وڌي 2.77 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 43 س??ڪڙو وڌيڪ آهي، انهي مالي سال ۾ هيستائين ٻاهرين ملڪ ما?? مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 26 سيڪڙو اضافو ٿيو ??هي جنهن تي اسان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿور??ئت?? آهيون.