اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪندي چوڌري فواد حسين کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جڏهن ته شوڪت ترين کي ناڻي ۽ روينيو واري وزارت جو قلمدان سونپي ڇڏيو آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران ??يا?? مو??ب شوڪت فياض احمد ترين کي خزاني ۽ روينيو واري وفاقي وزير جون ذم??دا??يون ڏنيون ويون آهن، محمد حماد اظهر توانائي جو وفاقي وزير، مخدوم خسرو بختيار صنعت ۽ پيدوار ۽ سيد شبلي فراز سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير هوندو.