سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ قرض ڏنا، حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آ??ي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جي جاچ ڪرائي ته خوفناڪ شيون س??مهون آيون، ڪنهن جا خدشا آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قانون جي بالادستي تي ڪو به ٺا??ه نٿو ٿي سگ??ي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي جنهن معاشري ۾ انصاف ناهي هوندو اتي غربت هوندي آهي. سرگوڌا ۾ صحافين س??ن ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ گهر ٺا??ڻ جو نه سوچيو، وزيراعظم جوڻيجو جي دور ۾ منصوبو ٺا??يو ويو پر ناڪام ٿي ويو، حڪومت ماڻهن کي مفت گهر نٿي ڏي سگهي پر بئنڪن جي ذريعي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي ته جئين عام ۽ غريب ماڻهن کي گهر جي تعمير لاءِ رقم دستاب ٿي سگ??ي، پهرين بئنڪون عام ماڻهن کي قرض نه ڏينديون هيون، هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ جي راهه ۾ قانوني رڪاوٽ هئي جنهن کي اسان ختم ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻه سال لڳي ويا، گهر ٺا??ڻ لاءِ بئنڪن جي شرڪت نهايت ضروري هئي، بئنڪن کي ان منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته هاڻي بئنڪن جي عملي کي تربيت ڏني پئي وڃي ته ڪهڙي طرح هو غريب ماڻهو کي سهولت فراهم ڪن، حڪومت گهر جي تعمير تي ٽي لک سبسڊي به ڏئي رهي آهي ۽ ان س??ن گهرن جون قسطون گهٽ ٿي وينديون، هڪ عام ماڻهو جيڪو رقم پنهنجي گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندو آهي اها ئي رقم بئنڪ کي قرض جي قسط جي صورت ۾ ادا ڪري پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. جهانگير ترين ۽ سندس حمايت ڪندڙ ڪجهه ميمبرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو ميمبرن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي پر سوا سال ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 26 روپين جو اضافو ٿيو جنهن س??ن عوام جي کيسي مان 126 کان 140 ارب روپيا نڪري شوگر ملز مالڪن جي جيب ۾ هليا ويا، وزيراعظم چيو ته حڪومت جو عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آ??ي، اسان جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون س??مهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺا??ي اهي عوام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڊر ڊڪليئر ڪندا آهن.