اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ??ه جيڪي قومون اخلاقي قدرن ۽ انصاف کي وڃائي ڇڏين اهي ??باهه ٿي وڃن ٿيون، بدعنوان عنصر پنهنجي ناجائز دولت جي زور تي غير قانوني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ سان پئسي جي منتقلي روڪڻ لاءِ نظر رکندڙ ادارن کي ڪمزور ڪن ٿا، بدقسمتي اها آهي ??ه اهڙا عنصر معاشري ۾ ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏين عٿا، پوءِ ”کائي ٿو ته لڳائي به ٿو“ ۽ ”هڪ زرداري سڀ تي ڀاري“ جا نعرو هنيا وڃن ٿا. وزيراعظم عمر??ن خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي آغاز تي وزيراعظم عمر??ن خان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ جي موجوده اليڪشن جهڙي طرح ٿي سڀني جي سامهون آهي، آئون ڪابينا جي سامهون گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جي جوڙيل پينل جي رپورٽ ”فيڪٽ آئي“ رکي رهيو آهيان، اها رپورٽ اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ملڪن لاءِ وڏي خوفناڪ آهي، هن رپورٽ موجب هر سال غريب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر غير قانوني مني لانڊرنگ جي ذريعي امير ملڪن ۾منتقل ٿين ٿا جيڪي ”ٽيڪس هيون“ آهن. هڪ رپورٽ موجب غريب ۽ اسرندڙ ملڪن مان بدعنواني جي ذريعي 7 هزار ارب ڊالر چو??ي جو پئسو انهن ملڪن ۾ پيل آهي، انهن سڄي معاملي ۾ حڪمران اشرافيه ملوث آهي. وزيراعظم چيو ته غريب ملڪن جا نواز شريف ۽ زرداري چو??ي جو پئسو ٻاهر موڪليندا آهن ته انهن کان پهرين سمورا اهي ??دارا جن کي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسي جي منتقلي تي نظر رکڻي آهي ??نهن کي ڪمزور ڪن ٿا، هي ??هڙا ميگا پراجيڪٽ کڻي اچن ٿا جن جي عوام کي ضرورت ناهي هوندي پر انهن ۾ ڪڪ بيڪس وڌيڪ هوندا آهن، انهن بدعنوانين جي ڪري ملڪ قرضي ٿي وڃي ٿو ان جي قيمت مهانگائي جي ذريعي عوام ادا ڪري ٿي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ??ه بدعنوان عنصر ناجائز پئسي سان ميڊيا هائوسز ۽ ٻين ادارن کي خريد ۽ استعمال ڪن ٿا ان جو سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ??ه معاشري ۾ ڪرپشن کي سڀني جي لاءِ قابل قبول بڻايو وڃي ٿو پوءِ ڪرپشن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي پر اها سوچ وڌي ٿي ته کائي ٿو ته کارائي به ٿو ۽ هڪ زرداري سڀ تي ڀا??ي جيڪو خريد ڪري ٿو اها سياسي بصيرت تصور ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي اخلاقيات ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو سڀ کان وڏو نقصان هوندو آهي، اها قوم پوءِ انصاف نٿي ڪري سگهي ??نهن قوم ۾ اخلاقي قدر نه هجن اتي طاقتور کي اين آر او ۽ غريب کي سزا ڏني وڃي ٿي، انصاف ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. هن چيو ته حديث جو مفهوم آهي ??ه ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿيون جتي غريب ۽ امير جي لاءِ انصاف جا معيار ڌار ڌار هجي. هن چيو ته جنهن قوم ۾ اخلاقي معيار نه هجي اها ڪڏهن انصاف نٿي ڪري سگهي. جرمني ۽ جاپان تباهه ٿي ويا هئا پر ٻئي پنهنجي پيرن تي بي??ي رهيا. وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ??ه سينيٽ چونڊن ۾ کلي عام پئسو هلندو آهي.