اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارليامي??ٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته سيڙپڪاري جا وس??ع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي گڏيل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن سيڙپڪاري جا امڪان ڳولي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي ان??هائي ا??ميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو ??وا??شمند آهي.