اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آ??ي ته ڪشميري عوام جي حق پرست جدوجهد ۾ انهن جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي غير انساني قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جو انتها پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جا قدم عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سا?? ڀارتي واعدن جي خلاف ورزي آهن، ڪشمير هڪ سا?? کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ڀارتي ظلمن جي انتها ۽ رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ڪشمير ۾ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 73 سا?? اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن ۽ انساني اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذريل سا?? پنج آگسٽ تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ان جي آبادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو، ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ڪشميري عوام، پا??ستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.