اسلام آباد/ ميرپورخاص – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته ڪورونا و??ئرس جي وبا ۾ پنهنجي شهرين کي امداد ۽ معاونت جي فراهمي جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آ??ي، حڪومت وبا جي دوران ملڪ جي اڌ آبادي کي امداد فراهم ڪئي، پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن حڪومت ۽ رياست جو عام ماڻهو سان رابطو هجي، پاڪستان پنهنجي اق??يتن سان مثالي سلوڪ ڪري رهيو آ??ي. هو اها ڳالهه هتي ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي ورڇ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ حڪومت ۾ اها سوچ ??هي ته جڏهن ڪا مشڪل ايندي ??هي ته ان صورت ۾مدد فراهم ڪئي وڃي، حڪومتون محلن جي اندر ناهن هونديون، حڪومتون عوام جي ڳالهه ڪنديون آهن، عوام سان گڏ گڏ هونديون آهن ۽ عوام جي مشڪلاتن جو حل ڪڍنديون آهن، صدر چيو ته ڪورونا و??ئرس جي وبا ۾ دنيا ۾ پاڪستان مثال قائم ڪيو، پاڪستان جي حڪومت هڪ ڪروڙ 69 لک خا??دا??ن کي 12، 12 هزار روپين جي روڪ امداد فراهم ڪئي ڇو ته عوا مشڪل ۾ هو، اسان جا ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن کي روڪ رقم ۽ پئسا پهچائڻ ضروري هو .