اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تعليم وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود م??اقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذري??ي شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص طور تي آن لائن تعليم، شاگردن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ڪرڻ ۽ جديد تعليم جي حوالي سان بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان شاگردن کي سيرت النبي صه ۽ ??اڻ صه جي حيات طيبه جي روشن رخن، صحابه ڪرام رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن باب کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.