اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي س??ن 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي حوالي سان سمورين ڌرين جي ايندڙ هفتي پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته سرڪاري عمارتن ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪنداسين، ڊيزل، ڪوئلي ۽ فرنس آئل تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مرحليوار منتقل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي جو هڪ وڏو حصو درامد ٿيل تيل سان پيدا ٿي رهيو آهي جن??ن جون قيمتون تازن مهينن ۾ تمام بلند ٿي ويون آهن، اس??ن جو قومي شمسي توانا??ي جي قدمن جو مقصد مهانگي بجلي کي سستي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ آهي جن??ن سان عوام کي تمام وڏو ريليف ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿيندي.