اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اٽارني جنرل خالد جاويد خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٺ مختلف ڪيسن جي حوالي سان گفتگو، مختلف عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ فيڊرل بو??ڊ آف روينيو بابت التوا ۾ پيل ڪيسن جي حل جي حوالي سان لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.