اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال ??اء?? تقريبن 8 ٽريلين روپين جي نئين سالياني بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ٽئين سالياني بجيٽ آهي جيڪا اهڙي موقعي تي پيش ڪئي پئي وڃي جڏهن دنيا ڪورونا جي ٽئين لهر کي ??نهن ڏئي رهي آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جو معيشتون متاثر ٿيون آهن، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ چ??لي??جن جي باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين ??اء?? پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن ??اء?? فنذن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي، نئين وفاقي بجيت ۾ ڪورونا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن، عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ??اء?? بهتر ماحول جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي ??ظر ۾ رکيو پيو وڃي، مالياتي انتظام ۽ انصرام سان گڏوگڏ روينيو ۾ اضافي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روانگي و??پا?? ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام دوست پاليسون بجيٽ جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون، نئين وفاقي بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، بجيٽ ۾ اسلوب حڪمراني ۾ بهتري ??اء?? سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي ??اء?? سهولتن ۽ قدمن جو اعلان متوقع آهي. حڪومت نئين بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جو پهرين کان فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي به روينيو ۾ اضافو، ٽيڪس جي بنياد ۾ سگهه ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي ??اء?? قدم کنيا ويندا ڇو ته روينيو ۾ بهتر اضافي سان اقتصادي واڌ ويجهه جا هدف حاصل ٿي سگهندا. ذريعن موجب حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪري رهي آهي، نئين وفاقي بجيٽ جي ڏ?? ۾ ??لندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪئي وئي.