اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي جيڪو پاناما پيپرز ڪيس جي ڪاٿي کان ??ڏو آهي ۽ ان جي شروعات 2000ع ۾ ان ??قت ٿي جڏهن نيب عملدارن حديبيه پيپرز جي خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ ح??ين نواز، شهباز شريف ۽ سندس سياسي وارث حمزه شهباز به ان ڪيس جا مرڪزي ڪردار آهن، ان ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن جنهن تي نئين جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو مستقبل قانون جي حڪمراني سان ??اڳيل آهي. حديبيه پيپر ملز جي خلاف ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو ته اسحاق ڊار ان ??راڊ ۾ شريف خاندان جي معاونت جي لاءِ فارن ڪرنسي جا جعلي بي نامي اڪائونٽس کولرايا. پڪڙجڻ تي اسحاق ڊار واعده معاف گواهه بڻجي ويو ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي پنهنجو تفصيلي بيان به رڪارڊ ڪرايو پر بعد ۾ اهو چئي ته کانئس اهو بيان زبردستي ورتو ويو، پنهنجي بيان تان ڦري ويو.