اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عيد جي موقعي تي بين الصوبائي، انٽر ۽ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، چنڊ واري رات بازارُون بند هونديُون. اين سي او سي پاران جاري بيان موجب 10 کان 15 مئي تائين عيد موڪلن جو مقصد ملڪي سطح تي چرپر کي محدود ڪرڻ آهي، نجي گاڏين، رڪشائن، ٽيڪسين کي 50 سيڪڙو سوارين سان سفر جي اجازت هوندي، 8 کان 16 مئي تائين گ??ر رهو محفوظ رهو جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو ويندو. يوم علي، شب قدر، اعتڪاف، ج??عته الوداع لاءِ گائيڊ لائينز تي عملدرآمد پهرين مئي کان ٿيندو. چنڊ واري رات مهندي، ج??ولري، ڪپڙن جي اسٽالن تي پابندي هوندي، اين سي او سي موجب تفريحي ماڳ، پبلڪ پارڪس، شاپنگ مالز 8 کان 16 مئي تائين بند ??هن??ا، اين سي او سي چيو آهي ته ”گهرو رهو، محفوظ رهو“ جي حڪمت عملي تحت سموريون مارڪيٽون، دڪان، ڪاروبار بند ??هن??ا تنهن هوندي به ضروري خدمتن جنهن ۾ پنساري اسٽورز، ميڊيڪل اسٽورز، ويڪسينيشن سينٽرز، ڀاڄين، فروٽس جا دڪان، گوشت جا دڪان، بيڪريون، پيٽرول پمپس، ٽيڪ اوي ۽ اي ڪامرس (هوم ڊليوري) سان يوٽيليٽي سروسز جنهن ۾ بجلي، قدرتي گئس، انٽرنيٽ، سليولر نيٽ ورڪس/ ٽيلي ڪام، ڪال سينٽرز ۽ ميڊيا هائوسز شامل آهن کليل ??هن??ا، اين سي او سي لوڪل ۽ آئوٽ سائيڊرز جي لاءِ سمورن تفريحي ماڳن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ان لاءِ سمورا تفريحي ماڳ، پڪنڪ پوائنٽس، پبلڪ پارڪس، شاپنگ مالز، سمورا هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس جيڪي تفريحي ماڳن جي و??جهو آهن بند ??هن??ا، سياحتي ماڳن طرف ويندڙ رستن کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مري، گليات، سوات، ڪالام، سي و??و ساحل، اترين علائقن ۽ ٻين سياحتي ماڳن تي فوڪس رکيو ويو آهي، خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مقامي ماڻهن کي گهر واپس وڃڻ لاءِ سفر جي اجازت هوندي، 7 مئي تائين مسافرن کي و??ي وڃڻ لاءِ اضافي ٽرينون هلايون وينديون.