اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سستي ۽ جلد انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي موثر ازالي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ??فاقي محتسب سيد طاهر شهباز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي وفاقي محتسب صدر کي سالياني رپورٽ 2020ع پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر جي هداي??ن تي شروع ڪيل آگاهي مهم جي ڪري وفاقي محتسب کي رڪارڊ آن لائين شڪايتون مليون آهن. وفاقي محتسب کي 130112 شڪايتون مليون. وفاقي محتسب 2020ع ۾ 133521 شڪايتون اڪلايون. 70311 شڪاي??ن تي رليف ڏنو ويو جيڪي اڪلايل شڪايتن جو 50 سيڪڙو آهي. 2019ع جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ آن لائين شڪايتون مليون آهن.