اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ممنوعه فنڊنگ ۾ ا??ان کي ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ ڦاسي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪنن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي 40 هزار انٽريز تي ٻڌل تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، مخالف ڌر کي مشورو آهي ته اها جٿن جي پ??يان لڪڻ بدران خاموشي ??ان اليڪشن ڪميشن وڃي پ??هنجي فارن فنڊنگ جا تفصيل جمع ڪرائي، پي ڊي ايم ناڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿي، پي ڊي ايم جو آخري پتو اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جو آهي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج منهن جي پڪائي، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.