اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 ??الن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر کي ??رار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪري کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪابينا ريڪوري ڪري پئسا عوام کي ??اپس ڪرڻ ۽ نظام کي ??عال ۽ ادارن کي ??تحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت ا??من?? گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 ??الن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ارب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 ??الن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب رپيا ڏنو ويو، افغانستان کي ??رآ??د ڪئي ويندڙ کنڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.