اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 2008ع کا?? 2018ع د??را?? ميثاق ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي خزاني کي بي دردي سان لٽي پنهنجا خزانا ڀريا ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪروڙ عوام کي پهريون ڀيرو عمران خان جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزيراعظم مليو جيڪو هر ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پهرين 15 مهينن ۾ معاشي طور تي ڏيوالو نڪتل ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو ??هي?? 2020ع معاشي ٽيڪ آف جو سال ??هي?? ان سال عام ماڻهو کي حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو