اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٽيڪسٽائيل ??يڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه حسن بشير، فنانس سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري عمر حميد خان پڻ موجود هئا. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائيل ??يڪسپورٽ سيڪٽر جي جولاءِ ۽ آ??سٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ج?? ڪليمز فارم ايڇ بدران پراڻي اي ار ايس نظام تحت ڀرڻ ۽ ادا ??رڻ جو وفد جو مطالبو تسليم ڪري ورتو.