اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ??ي موجود پراڻن مسئلن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام عالمي برادري طرفان خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جو واعدو پورو ٿ??ڻ جي اڄ به منتظر آهي، سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. هن اهڙن ??يالن جو اظهار گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.