GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سي پيڪ جو شاندار منصوبو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ جو شاندار منصوبو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اهو نه رڳو پاڪستان پر خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو جنهن ۾ خصوصي اقتصادي زونز، انوويشن ڪوريڊور، گرين ڪوريڊور ۽ رابطي کي فروغ ڏيڻ جا منصوبا شامل آهن، سي پيڪ منصوبن سان 25 ارب ڊالر سيڙپڪاري پاڪستان آئي، پاڪستان ۾ معاشي ترقي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ چيني ماڊل کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ پاڪ چين گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ چين جي لاءِ يادگار ڏينهن آهي، آئرن برادرز چين ۽ پاڪستان گڏيل طور تي سي پيڪ جي 10 سالن جُون تقريبون ملهائي رهيا آهن، ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ اهو عظيم سفر 1949ع ۾ چين جي آزادي کان شروع ٿيو، چين ترقي جو سفر همت ۽ عزم سان طئي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پاڪ چين دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کانپوءِ ايندڙ پاڪستاني ليڊرن ان دوستي کي فروغ ڏيڻ جو تسلسل جاري رکيو، اها منفرد دوستي آهي، سموريون سياسي پارٽيون ۽ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ۽ ادارا ان دوستي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اپريل 2015ع ۾ چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جو دورو ڪيو، اهو دورو مختلف سببن جي ڪري اڳ ۾ ملتوي ٿي ويو هو جيڪڏهن ان وقت دوري ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ته سي پيڪ جا منصوبا تمام گهڻي تيزي سان ۽ تمام اڳ مڪمل ٿي چڪا هجن. اپريل 2015ع ۾ سي پيڪ جي معاهدي تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف صحيحون ڪيون. سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عمل ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هن وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ سان اسان جي صنعتن ۽ زراعت تي منفي اثر پئجي رهيا هئا، روانگي واپار کي نقصان پهچي رهيو آهي. اسان جي زرعي شعبي ان جي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ تحت بجلي جا رڪارڊ منصوبا مڪمل ڪيا ويا. سي پيڪ منصوبن ۾ 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، لکين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته سي پيڪ گيم چينجر منصوبو آهي، چيني قيادت جي ويزن، عزم ۽ دوستي جو ثبوت آهي. هن چيو ته هاڻي سي پيڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اهو نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ سيڙپڪاري، ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان ۾ وڏا منصوبا بشمول خصوصي اقتصادي زونز، انوويشن ڪوريڊور، گرين ڪوريڊور ۽ رابطي کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. هن چيو ته سي پيڪ کي وڌيڪ توسيع ڏني ويندي ته جيئن پورو خطو ۽ دنيا فائدو کڻي سگهي. هن چيو ته گوادر شهر ترقي جي سفر تي گامزن آهي، موجوده حڪومت گوادر بندرگاهه ۽ شهر جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم ۽ ڪوششون ڪيون آهن. سي پيڪ سان ان کي خطي جي مصروف ترين بندرگاهه بڻائڻ ۾ مدد ملندي، اسان گوادر جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ وسيلا رکيا آهن، گوادر ۾ بجلي ۽ پيئڻ جو پاڻي دستياب آهي. هن چيو ته اسان مختلف قدمن ۽ پروگرامن جي ذريعي ملڪي معيشت کي بحالي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي، ان مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي چيني صدر، چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون، چين جي بئنڪن گذريل چار مهينن دوران پاڪستان کي اربين ڊالر قرض ڏئي ڀرپور مدد ڪئي. هن چيو ته اسان کي قرض ۽ امداد تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي پاڻ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ گهرجي، اسان جي بهادر عوام آهي، اها هر مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ جي همت رکي ٿي. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ۽ معاهدو وڏو چئلينج هو اسان جي دوست ملڪن جي مدد سان اهو معاهدو ممڪن ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ان جو واحد رستو چين جي ترقي جي ماڊل کي اختيار ڪرڻ آهي. عالمي سطح تي مشڪل صورتحال جي باوجود چين جي سالياني واڌويجهه شرح ساڍا 5 سيڪڙو آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، اسان کي چين جي تعاون، مهارتن ۽ تجربي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. چين کي اهي ڪاميابيون دانشمنداڻي قيادت ۽ سخت محنت سان مليون آهن. اڄ اسان گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو ان گروٿ ماڊل جو جائزو وٺندو ۽ پاڪستان کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سياسي ۽ عسڪري قيادت ان ڳالهه تي متفق آهن ته چين اسان جو سچو ۽ حقيقي دوست آهي. هن چيو ته اسان کي وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ گڏيل ڪميٽي قائم ڪري ٺوس تجويزون سامهون آڻڻ گهرجن ته جيئن ٻئي ملڪ گڏيل طور تي ان تي عملدرآمد ڪري سگهن. هن چيو ته جلد اهو وقت ايندو ته اسان قرض نه وٺنداسين ۽ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. هن چيو ته اسان چين وانگر پنهنجي عوام جي غربت ختم ڪنداسين، نوڪريون ڏينداسين ۽ اهو اسان جي عوام لاءِ بهترين تحفو هوندو. پاڪ چين دوستي زندهه آباد. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ گڏيل طور تي گلوب جو بٽڻ دٻائي 10 سالن جي تقريبن جي شروعات ڪئي ۽ يادگاري سڪو ۽ يادگاري ٽڪلي جاري ڪئي. تقريب ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل تفصيلي ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي. باجوڙ ڌماڪي جي ڪري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبون سادگي ملهايون پيون وڃن.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں